تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** سول اسپتال حيدرآباد **

سول اسپتال حيدرآباد: حيدرآباد، سنڌ جو ثقافتي شهر آهي، پر هتي ڪنهن وڏي اسپتال جو وجود سئو سوا سول سال مس پراڻو آهي. انگريزن جي سنڌ تي قبضي کانپوءِ هتي سول اسپتال سان لاڳو سنڌ ميڊيڪل اسڪول 1881ع ۾ قائم ڪيو ويو. ان کان اڳ رڳو سول اسپتال هئي، جيڪا 1894ع تائين سر ڪائوسجي سائيڪاٽرسٽ (نفسياتي) اسپتال کان سواءِ شهر جي واحد اسپتال هئي، جيڪا پوليس اسپتال جي اشتراڪ سان هلندي هئي. سول اسپتال جي نئين عمارت 1894ع ۾ ٺهي، جڏهن ته ان کان اڳ هتي رڳو ٻه وڏا هال هئا، جيڪي اڄ به ٻاهرئين طرف اسپتال جي اُڀرندي ڪنڊ تي نظر اچن ٿا، انهن مان هڪ ۾ ليبارٽري هئي ۽ ٻيو لائبرريءَ طور استعمال ٿيندو هو. نئين عمارت جو تخمينو 88173 روپيا لڳايو ويو. هتي پهرين 72 بسترن جي اسپتال قائم ڪئي وئي، جيڪا بعد ۾ 104 بسترن تي مشتمل ٿي. گڏوگڏ سول سرجن سان گڏ چار اسسٽنٽ سرجن مقرر ٿيا، جيڪي هن اسپتال ۾ پڙهائيندا هئا. اڳتي هلي هيءَ اسپتال 24 ئي ڪلاڪ کليل رهي. ورهاڱي کانپوءِ هن اسپتال وڏي ترقي ڪئي ۽ 1964ع ۾ هتي ائٽمڪ انرجي ميڊيڪل سينٽر قائم ٿيو، جڏهن ته 1963ع ۾ هتي ڊينٽل اسڪول ۽ اسپتال قائم ٿي چڪي هئي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سهڪار سان چائلڊ ....وڌيڪ پڙهو